صلاح الدين پنهور

صلاح الدين پنهور

صلاح الدين پنهور

صلاح الدين پنهور: صلاح الدين ولد حڪيم محمد صالح پنهور، 8 جون 1947ع ۾ ڳوٺ ابراهيم پنهور عرف ابرهيم ڪڇيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين دادو مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان طالب المولى هاءِ اسڪول مان نمايان حيثيت سان پاس ڪيائين. مئٽرڪ کانپوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان گرئجوئيشن ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي سوشل ورڪ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت دادو، موري ۽ سانگهڙ ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن وقت ڪراچيءَ ۾ خانگي ملازمت ڪري رهيو آهي. صلاح الدين پنهور کي ابتدا کان ئي علم ادب سان چاهه رهيو آهي. سندس ڪيترا مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. ادب سان گڏ شعر و شاعري به ڪندو آهي. سنڌي ادبي شاخ دادوءَ سان وابسته آهي. هن کان اڳ موري ۽ سانگهڙ ۾ پڻ سنڌي ادبي سنگت سان وابسته رهيو آهي.کيس ساهت سنگت سانگهڙ جي باني ڪارڪنن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ڪيترائي سال قلندر لال شهباز ميله ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري به رهيو ۽ ميلي ۾ ڪافي جدت آندائين. هن سانگهڙ ۽ موري ۾ روشن تارا اسڪول کولائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ورتي. دادو ۾ ثقافتي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين. سندس ڪوشش سان ڪيترا ثقافتي پروگرام ڪامياب ٿيا آهن. حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي محفل سماع، زرعي ۽ صنعتي نمائش کي ڪامياب ڪرڻ ۾ سندس ڪاوشون شامل رهيون آهن. پاڻ سنڌ جي مشهور تاريخدان ۽ زرعي شعبي جي ماهر ايم.ايڇ پنهور جو قريبي رشتيدار آهي. سندس دوستن ۾ استاد بخاري، سليم سولنگي، محمد بخش سميجو، نور گهلو، اطهر منگي، خان ملڪاڻي'>احمد خان ملڪاڻي ۽ ٻيا اديب شامل آهن. هن وقت دادو ۾ رهائش پذير آهي. صلاح الدين ولد حڪيم محمد صالح پنهور، 8 جون 1947ع ۾ ڳوٺ ابراهيم پنهور عرف ابرهيم ڪڇيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين دادو مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان طالب المولى هاءِ اسڪول مان نمايان حيثيت سان پاس ڪيائين. مئٽرڪ کانپوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان گرئجوئيشن ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي سوشل ورڪ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت دادو، موري ۽ سانگهڙ ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن وقت ڪراچيءَ ۾ خانگي ملازمت ڪري رهيو آهي. صلاح الدين پنهور کي ابتدا کان ئي علم ادب سان چاهه رهيو آهي. سندس ڪيترا مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. ادب سان گڏ شعر و شاعري به ڪندو آهي. سنڌي ادبي شاخ دادوءَ سان وابسته آهي. هن کان اڳ موري ۽ سانگهڙ ۾ پڻ سنڌي ادبي سنگت سان وابسته رهيو آهي.کيس ساهت سنگت سانگهڙ جي باني ڪارڪنن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ڪيترائي سال قلندر لال شهباز ميله ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري به رهيو ۽ ميلي ۾ ڪافي جدت آندائين. هن سانگهڙ ۽ موري ۾ روشن تارا اسڪول کولائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ورتي. دادو ۾ ثقافتي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين. سندس ڪوشش سان ڪيترا ثقافتي پروگرام ڪامياب ٿيا آهن. حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي محفل سماع، زرعي ۽ صنعتي نمائش کي ڪامياب ڪرڻ ۾ سندس ڪاوشون شامل رهيون آهن. پاڻ سنڌ جي مشهور تاريخدان ۽ زرعي شعبي جي ماهر ايم.ايڇ پنهور جو قريبي رشتيدار آهي. سندس دوستن ۾ استاد بخاري، سليم سولنگي، محمد بخش سميجو، نور گهلو، اطهر منگي، خان ملڪاڻي'>احمد خان ملڪاڻي ۽ ٻيا اديب شامل آهن. هن وقت دادو ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ صلاح الدين پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.06.08  عيسوي

صلاح الدين ولد حڪيم محمد صالح پنهور، 8 جون 1947ع ۾ ڳوٺ ابراهيم پنهور عرف ابرهيم ڪڇيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه اسد
ابڙو وريل فقير
امام ڏنو فقير
سر سيد احمد خان
الهه بچايو ٽالپر
شيخ عارف
ڄام اوٺو
ٻلديو گاجرا
خير محمد سومرو
سعيده گوپانگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون